جامعه راشديه2

جامعه راشديه2 (ڪتاب ):هن ڪتاب کي مفتي محمد رحيم سڪندريءَ مرتب ڪيو آهي. درگاهه شريف پير سائين پاڳاري جا پنجاهه سال مڪمل ٿيڻ تي هي ڪتاب شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ پير پاڳاري جي خاندان، سندن خدمتن، جامعه راشديه جي ڪهاڻيءَ کان سواءِ ڪل 21 موضوع شامل آهن. جن جا مختلف ليکڪ آهن، جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر غلام علي سانگي، حافظ محمد عيسيٰ سومرو، سگهڙ عبدالرحمان مهيسر، فقير عبدالله مڱريو وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو انتساب جمعيت علماءِ سڪندريه جي نانءُ آهي. هي ڪتاب 458 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جو هديو 250 روپيا رکيو ويو آهي. هن ڪتاب کي جمعيت علماءِ سڪندريه طرفان ڇپايو ويو آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو